ساريجي بُٺي

ساريجي بُٺي: سنڌو تهذيب وارو هي دڙو، ’ساريجي بٺي‘، ضلعي ٺٽي ۾، حيدرآباد کان 50 ڪلوميٽر پري هڪ ٽڪريءَ تي موجود آهي.
ساريجي بٺيءَ جي چوڌاري ڪجھه ڪلوميٽرن تائين ڪچو آھي. ماڳ جي ڊيگھه اتر اولھه ھڪ ڪلوميٽر ۽ ويڪر به ايتري ئي ٿيندي. اترئين ڇيڙي تي فش ھيچري (مڇين جي افزائش جي جاءِ) ۽ ڏاکڻي ڇيڙي تي ڳوٺ محمد خان جکرو آھي. ھي ماڳ ھڪ ٽڪريءَ تي آھي ۽ سم ۽ ڪلر هن ماڳ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ڪجھه حصو سرڪاري آفيسن ھيٺ اچي چڪو آھي. ٽڪريءَ جي اولھه ڏکڻ ۾ ڪجهه آثار باقي وڃي بچيا آھن. ھتان لڌل وٿن ۾ ٺڪر جي ٿانون جا ٽڪرا، ناديون، مٽڪا، ڇلون، پوڄا جا ٿانو، گھگھيون، ٿالھيون، ٻاٽيون، ڏيئا، سڪا وغيره آهن. ٺڪراٺو ڳاڙھي تي ڪاري چٽ وارو سنڌو تھذيب سان ڀيٽڻ جھڙو آھي.
ساريجي ھڪ قديم ماڳ آھي، جيڪو سنڌوءَ جي ڪلريءَ واري وھڪري تي آباد ھو. ھن وھڪري تي ٻيا شھر ۽ وسنديون مڪلي، ساموئي، ھالاٺ، ھاليجي، گجو، گھارو ۽ ڀنڀور آباد ھئا. ھتان جا ماڻھو مٽي ۽ پٿر جي ٺھيل گھرن ۾ رھندا ھئا ۽ ٺڪر جا چڪ تي لٿل چٽيل ۽ ٺپيل ٿانو استعمال ڪندا ھئا. ھن ماڳ جي کوٽائي نه ٿي آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو